جتوئي عابد حسين

جتوئي عابد حسين

جتوئي عابد حسين

جتوئي عابد حسين: عابد حسين ولد اعتبار خان جتوئيءَ جو جنم خانپور ضلعي شڪارپور ۾ ٿيو. هن اسلامڪ اسٽڊيز ۾ ايم. اي ڪئي آهي. 1997ع ڌاري ضلعي ڪائونسل شڪارپور جو ميمبر ۽ تعلقي چيئرمئن به رهيو. نيشنل پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تان 2008ع جي چونڊن ۾ پي. ايس 12 (شڪارپور) تڪ تان ڪامياب ٿيو. ان کان اڳ 2002ع وارين چونڊن ۾ به ايم. پي. اي چونڊيو. پيشي جي لحاظ کان زميندار آهي، هن وقت چوپائي مال واري کاتي جو صوبائي وزير ۽ سنڌ اسيمبليءَ ۾ سنڌ اسيمبليءَ ۾ آبڪاري، ايريگيشن، ٽرانسپورٽ ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ بابت قائم ڪميٽيءَ جو ميمبر آهي. سندس ڀاءُ رئيس ابراهيم جتوئي به علائقي جو نامور سياستدان ۽ زميندار آهي (ڏسو: جتوئي، محمد ابراهيم).





هن صفحي کي شيئر ڪريو